ايف بي آر پاران وڌيڪ آمدني جمع ڪرڻ تي وزيراعظم جون مبارڪون

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ٽيڪس جي مد ۾ هڪ هزار 395 ارب رپين جي آمدني گڏ ڪئي آهي. پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ ايف بي آر جي روينيو ۾ 38 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن تي هو قوم کي مبارڪون ڏيئي ٿو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن فيڊل بورڊ آف روينيو بيان جاري ڪيو هو ته هلندڙ مالي سال جي ٽه مهينن ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 38.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايف بي جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جولاءِ کان آگسٽ تائين ٽيڪس وصولين جو هدف هڪ هزار 211 ارب رپيا هو. ايف بي آر چيو ته پهرين ٽي مهينن جي ٽيڪس وصوليون ظاهر ڪن ٿيون ته ايف بي آر 5 هزار 829 ارب روپين جو هدف با آساني پورو ڪندو، صرف سيپٽمبر جي مهيني ۾ 31.2 سيڪڙو اضافي سان 535 ارب رپين جي آمدني گڏ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔