ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري ته کين معاف ڪري ڇڏينداسين: عمران خان

ڪراچي:وزيراعظم عمران خان ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ مشروط معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري تھ کين معاف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم عمران خان ترڪ نشرياتي اداري ٽي آر ٽي ورلڊ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ٽي ٽي پي کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، ڳالهين لاءِ افغان طالبان ٽياڪڙي ڪري رھيا آھن. انٽرويو دوران عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروپس سان رابطي ۾ آهيون، ڪجهه گروپس حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا، ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپس ڳالهين لاءِ تيار آهن. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ ٽي ٽي پي جي گروپس سان افغانستان ۾ ڳالهيون هلن پيون، ٽي ٽي پي وارا هٿيار ڦٽو ڪندا ته معاف ڪنداسين، ٽي ٽي پي کي عام شهرين جيان رهڻو پوندو، سدائين چيو آهي ته افغانستان مسئلي جو فوجي حل ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔