سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جا امڪان گهٽجي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جا امڪان گهٽجي ويا ۽ عربي سمند ۾ موجود ڊيپ ڊپريشن سنڌ کان پري ٿيديو پيو وڃي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفاز جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر ۾ شديد برساتن جو امڪان گهٽ آهي، جڏهن ته اڄ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلي برسات ٿي سگهي ٿي.

سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڊيپ ڊپريشن سنڌ جي سامونڊي علائقن کان وقت سان گڏوگڏ پري ٿي رهيو آهي، سڀاڻي تائين سنڌ ۾ برسان جو امڪان گهٽجي ويندو، ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جا به امڪان گهٽ آهن.

هن چيو ته بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ شديد برساتن جو امڪان موجود آهي، ڊيپ ڊپريشن ڏکڻ اولهه جي طرف وڌي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔