مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز مٿان فرد جرم لاڳو

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي گواهن کي بيانن جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي خاندان خلاف نيب جا مختلف ڪيسز  عدالت ۾ شروع ٿيا. حمزه شهباز سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته شهباز شريف طرفان حاضري جي لاءِ معافي جي درخواست جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ موقف پيش ڪيو ويو ته شهباز شريف چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي. ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جو چيو آهي.

عدالت  شهباز شريف جي  حاضري کان ڇوٽ واري معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت آشيانه اقبال، رمضان شوگرملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ليگي اڳواڻن جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. ياد رهي ته نصرت شهباز گذريل ٻڌڻي تي ٽرائل جوائن ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔