اپوزيشن پاران قومي اسيمبلي اجلاس دوران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي احتجاج

اسلام آباد: اپوزيشن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي احتجاج ڪيو. اپوزيشن جي واڪ آئوٽ کان پوءِ اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته اپوزيشن ميمبرن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف پلي ڪارڊ کنيا ۽ پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ وزيراعظم عمران خان جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

اپوزيشن جي نعريبازي، احتجاج ۽ هنگامي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو. احتجاج جي دوران اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائيس جو گهيراءُ به ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر اپوزيشن جي بائيڪاٽ ۽ احتجاج تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. اپوزيشن اڳواڻن پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران به احتجاج ڪيو ۽ حڪومت مخالف نعريبازي ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔