عدالت سياسي مامرن ۾ غيرمعمولي صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ نٿي گهري:اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ عدالت سياسي مامرن ۾ غيرمعمولي صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ نٿي گهري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊيل نمائندن لاءِ 60 ڏينهن ۾ حلف لازمي قرار ڏيڻ خلاف نواز ليگ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اپوزيشن وٽ سينيٽ ۾ اڪثريت آهي ته آرڊيننس خلاف اُنهي فورم تي وڃي، ڪا سياسي پارٽي متاثر ٿئي ته پارليامينٽ به آرڊيننس کي رد ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪو ميمبر چونڊجڻ بعد حلف نٿو کڻي ته اُن سان عوام متاثر ٿيندو آهي، ڇا سياسي جماعت اِن نقطي جي حمايت ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔