آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان مخالف بل تي خاموش نه ويهنداسين: شاهه محمود قريشي

ڪراچي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي سينيٽرز جي طرفان افغانستان جي حوالي سان پيش ڪيل بل تي خاموش نه ويهنداسين. ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ لابيز ۽ اسان جا پاڙيسي هن بل جي پٺيان آهن، ڪانگريس کي افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ته افغانستان جي مامري تي پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ مسئلي جو حل نه آهي. هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ پاڪستان کي سپورٽ ڪرڻ تي ڊنمارڪ جا مشڪور آهيون، پاڪستان ۽ ڊنمارڪ جي وچ ۾ پارٽنرشپ معاهدو ٿيل آهي. ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان سڀني جا افغانستان ۾ گڏيل مفاد آهن، نٿ چاهيون ته افغانستان ۾ دهشتگردي گروپ ٻيهر اڀري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔