اڳوڻن فوجين جي مان ۾ آجياڻي واري تقريب، ملڪي دفاع لاءِ خدمتن جي تعريف

راولپنڊي:  چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان يوم آزادي جي موقعي تي پاڪ فوج جي اڳوڻن فوجين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير طرفان ڏنل آجياڻي ۾ اڳوڻن آرمي چيفس سميت وڏي تعداد ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل ملڪي دفاع جي لاءِ اڳوڻن فوجين جي خدمتن ۽ ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. فيلڊ مارشل ملڪي دفاع جي لاءِ اڳوڻن فوجين جي قومي استقامت مضبوط بنائڻ ۾ ڪردار جي به تعريف ڪئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڏکئي سيڪيورٽي ماحول کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳوڻن فوجين جو تجربو ۽ رهنمائي قيمتي اثاثو آهي. اڳوڻن فوجين به پاڪ فوج جي قيادت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ سيڪيورٽي صورتحال، چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۾ فوج جي لاءِ پنهنجي مسلسل حمايت جو ارادو ڪيو. اڳوڻن فوجين قومي اتحاد، امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪردار جاري رکڻ جي ارادي جو اظهار به ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔