براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون، نثار چنه ڪوڙ پيو ڳالهائي: اڳوڻو ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ
ڪراچي: اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ سنڌ پوليس جي رڪروٽمينٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين آفتاب پٺاڻ اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه جي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪندي چيو آهي ته پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون
اڳوڻي ڊي آءِ جي چيو ته اي ڊي خواجا ۽ ڪليم امام جي دورن ۾…
سنڌ پوليس ۾ 8 هزار افغاني ڀرتي: اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه جا ڇرڪائيندڙ الزام
اڏيرو لال: سنڌ پوليس ۾ گذريل ٽن سالن دوران 8 هزار افغانين ۽ ٻين صوبن جي سوين اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. اهڙي ڇرڪائيندڙ دعويٰ اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه اڏيرو لال ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي آهي
نوشهروفيروز ۽ مختلف هنڌن تي…
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جَي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتر وزيرستان جَي علائقي ميران شاهه ۾ سڪيورٽي فورسز جَي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جِي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان نائيڪ خليل ۽ سپاهي شاڪر الله شهيد ٿي ويا، آپريشن دوران هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو
سردار چانڊيو ڌر هر ٻڌڻي تي بهانو ڪري ڪيس کي اينگهائي رهي آهي: ام رباب
دادو: دادو جِي عدالت ۾ اُم رباب جَي ٽن گهر ڀاتين جَي قتل ڪيس جِي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اُم رباب، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيوعدالت ۾ پيش ٿيا
عدالت جوابدارن جَي وڪيلن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 12 نومبر ۽ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي…
موجوده حڪومت ۾ 27 ارب ڊالر قرض، هر شهري 1 لک 88 هزار رپين جو قرضي
اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي حڪومت ٽن سالن دوران ملڪ مٿان رڳو پرڏيهي قرضن ۾ 27 ارب ڊالرن جو اضافو ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ملڪ مٿان جون 2021ع تائين قرض وڌي 39 هزار 859 ارب ٿي ويا آهن، جنهن ڪري پاڪستان جو هر شهري هڪ لک 88 هزار جو…
ٻھ سئو ايڪڙ سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ: سيڪريٽري اڪبر لغاري جي ضمانت منظور
ڪراچي: 200 ايڪڙ سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کي نيب انڪوائري ۾ گرفتاري جو خدشو آهي، جنهن بعد سيڪريٽري اڪبر لغاري نيب انڪوائري ۾ ضمانت لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪيو. احتساب عدالت اڪبر لغاري جي 5…
پاڪ ڀارت دنگل: وزيراعظم عمران خان به قومي ٽيم جي فتح لاءِ پراميد
ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف مهادنگل ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ وزيراعظم عمران خان به پراميد آهي ۽ هن نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو آهي
وزيراعظم عمران خان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ ٽيلنٽ موجود آهي ۽ قومي ٽيم ڀارت…
خورشيد شاهه سينٽرل جيل سکر مان آزاد، گلن جي ورکا سان آجيان
سکر: آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتاري بعد 25 مهينن تائين قيد ڀوڳيندڙ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي سينٽرل جيل سکر مان آزاد ڪيو ويو آهي
سپريم ڪورٽ مان ٻه ڏينهن اڳ ضمانت جي منظوري بعد اڄ سکر جي احتساب…
وزيراعظم عمران خان ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري لاءِ سعود ي عرب روانو ٿي ويو آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد!-->…
پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ ويل شيخ رشيد کي وزيراعظم گهرائي ورتو
ڪراچي: وزيراعظم عمران خان جي گهرائڻ تي شيخ رشيد گڏيل عرب امارت کان وطن واپس پهچي ويو
گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد گذريل ڏينهن يو اي ئي روانو ٿيو ۽ هن جو چوڻ هو ته هن وزيراعظم کان ٻن ڏينهن جي موڪل ورتي آهي ۽ هو پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو!-->!-->!-->…