براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
قتل ٿيل عرفان مهر جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري
ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي
سيڪريٽري سنڌ بار ڪائونسل عرفان علي مهر کي اڄ صبح ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هو…
سنڌ حڪومت روٽيشن پاليسي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو
ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ايڊمنسٽريشن سروس (ڊي ايم جي) آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرري واري ڪوٽا گهٽائڻ ۽ روٽيشن پاليسي تحت پي ايس پي آفيسرن جون خدمتون وفاق ۽ ٻين صوبن حوالي ڪرڻ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي
درخواست سنڌ جي…
اڏاوتن بابت قانون سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪو پريشان نه ٿئي: مرتضيٰ وهاب
ڪراچي: ايڊ منسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، اڏاوتن بابت قانون سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪو پريشان نه ٿئي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته…
ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مھر جو قتل: پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ قتل ٿيل ڳڙهي ياسين واسي وڪيل عرفان مهر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته عرفان مهر کي 5 گوليون لڳيون، منهن تي 2، سيني تي 2 ۽ ڇاتي تي هڪ گولي لڳي…
سپريم ڪورٽ 16000 برطرف ملازمن کي اسٽي آرڊر تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ برطرف ڪيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي اسٽي آرڊر تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين برطرف ڪيل ملازمن کي ميڊيڪل الائونس ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ واري استدعا به رد، جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو…
نمرتا جي عدالتي جاچ پڌري ٿيڻ سان جوابدارن جو پتو پوي ها، آئون سزا لاءِ تيار هيس: انيلا ميمڻ
ڪراچي : شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان ميمڻ چيو آهي ته نوشين شاهه معاملي جي پوليس پاران ڪيل شروعاتي جاچ ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته واقعو خودڪشي آهي، پوسٽ مارٽم اچڻ بعد حقيقت ظاهر ٿيندي،…
گورنر بڻجڻ جي خواهش نه هئي، پارٽي رسمي عهدو ڏئي سائيڊ لائن تي ڪري ڇڏيو: چوڌري سرور
ڪراچي: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته هن کي گورنر بڻجڻ جي خواهش نه هئي، پر پارٽي کيس رسمي عهدو ڏئي سائيڊ لائن تي ڪري ڇڏيو آهي
لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي گورنر چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪم جو عهدو ڏنو وڃي ها ته هو ڊيليور ڪري سگهي…
سپريم ڪورٽ پاران ڪي پي حڪومت جي مڪاني چونڊن بابت درخواست رد
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ واري صوبائي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي ۽…
سنڌ جي 4 آفيسرن پاران وفاقي حڪومت جو حڪم مڃڻ کان انڪار
ڪراچي: وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ مقرر ڪامورن جون خدمتون واپس وٺڻ واري معاملري تي سنڌ جي 4 آفيسرن وفاقي حڪومت جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
ذريعن موجب ڪامورن پاران اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي خط بعد آفيسن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو هو، ڪالهه سنڌ حڪومت پاران…
سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڊسمبر تي طلب
ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي ان اجلاس ۾ 19 ايجنڊائون شامل آهن. اجلاس ۾ مڪاني ادارن بابت ترميمي بل ۽ لاڙڪاڻي کي ميونسپل ڪارپوريشن طور شامل ڪرڻ بابت ڪابينا ميمبرن کي آگاهي ڏني ويندي
سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن…