گورنر بڻجڻ جي خواهش نه هئي، پارٽي رسمي عهدو ڏئي سائيڊ لائن تي ڪري ڇڏيو: چوڌري سرور

ڪراچي: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته هن کي گورنر بڻجڻ جي خواهش نه هئي، پر پارٽي کيس رسمي عهدو ڏئي سائيڊ لائن تي ڪري ڇڏيو آهي

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي گورنر چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪم جو عهدو ڏنو وڃي ها ته هو ڊيليور ڪري سگهي پيو، پنهنجي اختيار جي دائري ۾ ايندڙ ڪم کي سٺي نموني سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان

هن چيو ته پاڪستان جو اهو الميو آهي ته اهي شخصيتن جي پٺيان ڊوڙندا رهيا ۽ ادارن کي مضبوط نه ڪيو، هن اعتراف ڪيو ته پوليس ۽ عدليه ۾ سڌارا آڻڻ ۾ ناڪام رهيا، پوليس، عدليه ۽ پراسيڪيوشن م وڏي پيماني تي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي

چوڌري سرور چيو ته ملڪ جو سڙيل نظام عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کان قاصر آهي، 1122 کي بهترين ريسڪيو سروس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ان جو نظام برطانوي نظام کان به بهتر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔