سنڌ جي ڪاليجن ۾ ڊجيٽل لائبريرين جي قيام لاءِ 9 ڪروڙ 28 لک جاري

ڪراچي:سنڌ جي ڪاليجن ۾ ڊجيٽل لائبريرين جي قيام لاءِ اختيارين 39 ڪاليجن کي رقم جاري ڪري ڇڏي، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي 39 ڪاليجن کي 9 ڪروڙ 28 لک جاري ڪري ڇڏيا

پهرين مرحلي ۾ به 16 ڪاليجن کي رقم جاري ڪئي وئي هئي، ٻئي مرحلي ۾ 39 ڪاليجن کي رقم جاري ڪئي وئي، گرلز ڪاليج ماتلي کي 23 لک 80 هزار، بوائز ڊگري ڪاليج دادو کي به 23 لک 80 هزار جاري ڪيا ويا آهن

اختيارين موجب گهوٽڪي، ڪي اين شاھ، سيوهڻ، ڏهرڪي ۽ ڪنڌڪوٽ سميت مجموعي طور تي 39 ڪاليجن 23 لک 80 هزار في ڪاليج رقم جاري ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔