سپريم ڪورٽ پاران ڪي پي حڪومت جي مڪاني چونڊن بابت درخواست رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ واري صوبائي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سمورا قدم کنيا آهن، بلدياتي اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ ۾ اڳ ئي 2 سال دير ٿي چڪي آهي

ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي موقف اختيار ڪيو ته رڳو چونڊون نه پر حقيقي نمائندگي جي به ضرورت آهي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، سياسي پارٽين کي سياسي عمل کان ٻاهر نٿو ڪري سگهجي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت ۾ ڪا به سياسي پارٽي نه آئي آهي، سياسي پارٽين اچي چوڻ گهرجي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان نقصان ٿي رهيو آهي، ته اسان چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ جا سخت مخالف آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔