سنڌ جي 4 آفيسرن پاران وفاقي حڪومت جو حڪم مڃڻ کان انڪار

ڪراچي: وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ مقرر ڪامورن جون خدمتون واپس وٺڻ واري معاملري تي سنڌ جي 4 آفيسرن وفاقي حڪومت جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب ڪامورن پاران اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي خط بعد آفيسن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو هو، ڪالهه سنڌ حڪومت پاران ڪامورن کي چارج نه ڇڏڻ جي هدايت بعد آفيسن مان غائب 4 سيڪريٽري آفيس پهچي ويا

ه معدني وسيلن واري کاتي جو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جو چيئرمين حسن نقوي آفيس پهتا، پي پي ايڇ آءِ جو چيف زاهد عباسي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن جو سيڪريٽري خالد حيدر شاھ به آفيس آيا

سنڌ حڪومت ڪالهه ڪامورن کي چارج نه ڇڏڻ ۽ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران سنڌ ۾ مقرر 11 ڪامورن ۽ پوليس آفيسرن جون خدمتون واپس ورتيون ويون هيون، سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ڪافي ڏينهن تڪرار بعد ڊي آءِ جيز چارج ڇڏي ڏني هئي جڏهن ته 4 سيڪريٽري سنڌ حڪومت جي حڪم جي انتظار ۾ ويٺل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔