سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڊسمبر تي طلب

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو اجلاس 2 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي ان اجلاس ۾ 19 ايجنڊائون شامل آهن. اجلاس ۾ مڪاني ادارن بابت ترميمي بل ۽ لاڙڪاڻي کي ميونسپل ڪارپوريشن طور شامل ڪرڻ بابت ڪابينا ميمبرن کي آگاهي ڏني ويندي

سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن کاتن جي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويندو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ورڪس اينڊ سروس، سيڙپڪاري ۽ توانائي واري کاتي جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني ويندي

اجلاس ۾ پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي جا اختيار ايڪسائيز کاتي کان لوڪل ڪائونسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ منظوري ورتي ويندي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيش جي ملازمن جي سروسز رولز ۽ گريجوئيٽي رولز منظوري لاءِ پيش ڪيا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔