نمرتا جي عدالتي جاچ پڌري ٿيڻ سان جوابدارن جو پتو پوي ها، آئون سزا لاءِ تيار هيس: انيلا ميمڻ

ڪراچي : شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان ميمڻ چيو آهي ته نوشين شاهه معاملي جي پوليس پاران ڪيل شروعاتي جاچ ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته واقعو خودڪشي آهي، پوسٽ مارٽم اچڻ بعد حقيقت ظاهر ٿيندي، پوليس جي جاچ اڃا جاري آهي، نمرتا معاملي جي جوڊيشل انڪوائري ( عدالتي جاچ) پڌري ڪئي وڃي ها ته شايد جوابدارن جو پتو پئجي وڃي ها

جيڪڏهن آئون به ذميوار هجان ها ته هرڪا سزا ڀوڳيان ها، نه رڳو اهو پر اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي ها، ڪنهن شاگردياڻي پاران هاسٽل جي ڪمري جي تبديلي بابت درخواست سڌي ريت وي سي کي ناهي ملندي، ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڊائريڪٽر سميت ٻين کي اها ملي هوندي، اسان انهي جي به جاچ ڪرايون پيا ته ڪمري جي تبديلي لاءِ نوشين شاهه ڪيتريون درخواستون ڏنيون؟ ٽائيم نيوز سان ڪيل خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ھن چيو ته آئون پاڻ ھڪ ماءُ به آهيان ۽ اداري جي سربراه به آهيان، آئون ڇو چاهينديس ته منهنجي يونيورسٽي ۾ اهڙا واقعا ٿين، مون ٽن سالن ۾ يونيورسٽي ۾ رڪارڊ ڪم ڪيو آهي

هن چيو ته نمرتا واقعي وقت نه رڳو مونکي پر منهنجي گهر ڀاتين کي به گاريون ڏنيون ويون، هن وقت به اهي ئي ماڻهو ساڳيو رويو اختيار پيا ڪن، ڇا آئون هن سنڌ جي نياڻي ناهيان؟ اهڙا واقعا رڳو اسانجي يونيورسٽي ۾ نه پر ٻين هنڌن تي به ٿين ٿا، آئون ڪنهن جو نالو نٿي کڻان پر اسانجي ڀرپاسي وارن علائقن جي يونيورسٽين ۾ اهڙا واقعا ٿيا آهن پر ڪجهه ماڻهو آهن، جيڪي اسانکي نشانو بڻائين ٿا، هن چيو ته آئون جڏھن نمرتا جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ ويس ته اتي موجود شخص مونکي گار ڏني، جنهن تي مون کيس ٿڦڙ هنئي، منهنجو اهو رد عمل فطري هو، ڪير به هجي ها ته گاريون برداشت نه ڪري ها، هن چيو ته نوشين شاهه واري واقعي کانپوءِ فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو، وارثن جي اچڻ بعد لاش لاٿو ويو، هن وقت اهو ڪمرو سيل آهي، اسان جوڊيشل انڪوائري لاءِ پڻ لکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته نمرتا واقعي کانپوءِ ٿيل جوڊيشل انڪوائري جي رپورٽ يونيورسٽي کي ڏيڻ لاءِ سيشن جج کي پڻ لکيو هو پر اها ناهي ملي، هينئر وري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي کي لکيو آهي ته اها رپورٽ گهرو کاتي کان منظر عام تي آڻڻ لاءِ ورتي وڃي، هن چيو ته نوشين شاهگ جي وارثن سان تعزيت لاءِ ضرور وينديس،اسانجي ڪاليج جو پرنسپال ۽ يونيورسٽي جو رجسٽرار ٿي آيا آهن، منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي، انهي ڪري ڪونه وڃي سگهيس پر هاڻ تعزيت لاءِ وينديس، هن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن جي ڪائونسلنگ ٿيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔