سپريم ڪورٽ 16000 برطرف ملازمن کي اسٽي آرڊر تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ برطرف ڪيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي اسٽي آرڊر تي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين برطرف ڪيل ملازمن کي ميڊيڪل الائونس ۽ ٻيون مراعتون ڏيڻ واري استدعا به رد، جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت پاڻ ملازمن جي بحاليءَ لاءِ عدالت آئي آهي، جيڪڏهن ملازمن کي غلط طريقي سان ڪڍيو ويو آهي ته حڪومت کين بحال ڪري

جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته ڪجهه ادارن جي ملازمن جا معاهدا ختم ٿيڻ بعد ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ڪانٽريڪٽ جي مدي ۾ واڌ جو مطلب آهي ته ملازم ان قابل نه هئا. ڇا اهڙن ملازمن کي قانون جي ذريعي زبردستي بحال ڪري سگهجي ٿو؟ رضا رباني چيو ته برطرف ملازم تڪليف ۾ آهن، عدالت ملازمن جي بحالي لاءِ فيصلو عارضي طور تي معطل ڪري. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان کي سندن مشڪلاتن جي به خبر آهي، اسان کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملازمن جي بحالي وارو معاملو سومر تي اٿاريو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔