اڏاوتن بابت قانون سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪو پريشان نه ٿئي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ايڊ منسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، اڏاوتن بابت قانون سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪو پريشان نه ٿئي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جيڪي ڪمرشلائزيشن شروع ٿيون ان جي شروعات نعت الله صاحب جي دور ۾ شروع ٿيون، ڪجهه شهرين جڏهن ان جي خلاف عدالتن سان رابطو ڪيو ته فيصلو ڏنو ويو ته شهري حڪومت جو هي اختيار آهي

هن چيو ته خالد بن وليد روڊ تي گهر ڊاهي وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن، اهائي صورتحال سڀني علائقن جي آهي، ان علائقن کي ڪمرشلائيز ڪيو ويو، جنهن جا نتيجا اڄ ڀوڳي رهيا آهيون

هن چيو ته هڪ سوال بار بار پڇيو ويندو آهي پر هاڻي چيو پيو وڃي ته هي ڪمرشلائيزيشن غلط ٿي وئي آهي، ماڻهو هاڻ پريشان آهن ته ڪهڙي پيپر تي اعتبار ڪجي ۽ ڪنهن تي نه ڪجي، پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو ته عمارت ڪيرائي پئي وڃي پر اسلام آباد ۾ بني گاله ۾ ڇو نٿو ٿئي، پڇيو پيو وڃي ٿو ته شاهراهه جمهوريت تي جيڪا عمارت تعمير آهي ان تي ڪارروائي ڇو نٿي ٿئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔