براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ختم ڪرڻ بنا آمريڪا مان کِسڪي ويو
اسلام آباد: ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ختم ڪرڻ بنا ئي واشنگٽن مان روانو ٿي ويو.
شوڪت ترين آڪٽوبر جي منڍ ۾ واشنگٽن پهتو هو ۽ 10 ڏينهن کانپوءِ 15 آڪٽوبر تي نيو يارڪ روانو ٿي ويو هو، کيس اتان لنڊن روانو ٿيڻو هو پر هو…
وزيراعظم سڀاڻي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سعودي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو، هن سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جي ٻين…
خواجا آصف اسٽيٽ بينڪ جي گورنر تي ڏمرجي پيو
اسلام آباد: مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر خواجا آصف اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر تي مڇرجي پيو.
خواجا آصف چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جو نمائيندو آهي، هن پهريان مصر جو ٻيڙو ٻوڙيو هاڻ پاڪستان کي ڏيوالو ڪري رهيو آهي.…
شهباز شريف جي عوام کي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل
لاهور: قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عوام کي مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو مطلب عوام جي وڌيڪ تباهي، وڌيڪ مهانگائي،…
مهانگائيءَ جي ٻوڏ، هلندڙ هفتي 29 شين جي اگهن ۾ واڌ
اسلام آباد: ڳڻپ واري اداري مهانگائيءَ بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي اڃا وڌي وئي.
ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 1.38 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائيءَ جي مجموعي شرح 14.48 سيڪڙو ٿي وئي.
هڪ…
حماد اظهر جو بجلي پهچ جي نظام ۾ وڏي سيڙپڪاري جو اعلان
اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر بجلي پهچ جي نظام ۾ 111 ارب رپين جي وڏي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد مان جاري بيان ۾ حماد اظهر چيو ته بجلي پهچ جي نظام ۾ 111 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٽن سالن ۾ اين ٽي ڊي سي ذريعي ڪئي…
حڪومت سڄي ملڪ مان ڪرپٽ ۽ پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل گهري ورتا
اسلام آباد: وفاقي حڪومت سڄي ملڪ مان ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل گهري ورتا، جنهن لاءِ سڀني صوبائي حڪومتن کي خط لکيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جا تفصيل گهري ورتا…
نااهلن هٿان ملڪ کي يرغمال رهڻ نه ڏينداسين: خواجا سعد رفيق
لاهور: ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عام واهپي جون شيون مهانگيون نه صفا مهانگيون ڪيون ويون آهن، نااهل حڪمرانن هٿان ملڪ يرغمال رهڻ نه ڏينداسين.
پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ن ليگ پنجاب جي تخت گاهه لاهور ۾…
ڊالر مقامي ڪرنسي کي چِٿي ڇڏيو، آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي اعتماد ۾ ورتو وڃي: رضا رباني
ڪراچي: اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته آمريڪي ڊالر مقامي ڪرنسي کي ڇِٿي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ گورنر جو رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان فائدي وارو بيان ظالماڻو لطيفو آهي.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 20…
اردو لغت ۾ مهانگائي اڳيان عمران خان جي تصوير لڳائڻ گهرجي: مرتضيٰ وهاب
ڪراچي: ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اردو لغت ۾ مهانگائي اڳيان عمران خان جي تصوير لڳائڻ گهرجي، اهي ٻئي هڪٻئي لاءِ ضروري ٿي ويا آهن.
ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا، گلبرگ ۾ فيملي پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان…