ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ٿرڊ ايئر امتحانن ۾ 3 ڀيرا فيل ٿي هئي: رجسٽرار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو اڪيڊمڪ رڪارڊ منظر عام تي اچي ويو، جنهن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار پاران گهرو کاتي کي خط لکي نمرتا واقعي بابت جاچ رپورٽ طلب ڪئي وئي

رجسٽرار موجب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين بيچ 46 جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي هئي، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پنهنجي ٿرڊ ايئر امتحانن ۾ 3 ڀيرا فيل ٿي هئي، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي فيل ٿيل سبجيڪٽن کي سپليمينٽ امتحانن ۾ ڪليئر ڪيو

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا فورٿ ايئر ۾ مجموعي طور تي 4 سبجيڪٽ هئا، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي فورٿ ايئر پيٿالاجي سبجيڪٽ ۾ ڪلاس جي حاضري 100 مان 50.91 سيڪڙو هئي

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي فورٿ ايئر سبجيڪٽ ڪميونٽي ميڊيسن ۽ ڪلاس جي حاضري 100 مان صرف 39 سيڪڙو هئي، ڊاڪٽر نوشين جي فورٿ ايئر سبجيڪٽ اِي اين ٽي ۾ ڪارڪردگي 100 مان 45 سيڪڙو هئي، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي فورٿ ايئر آئي ڊپارٽمينٽ جي 27 ڪلاسن مان 10 ڪلاس اٽينڊ ڪيا

يونيورسٽي طرفان گهرو کاتي سنڌ کي نمرتا ڪماري جي جڊيشل انڪوائري رپورٽ يونيورسٽي کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، رجسٽرار جو چوڻ آهي ته نمرتا ڪماري جڊيشل انڪوائري جي جج اقبال حسين ميتلو پاران يونيورسٽي کي انڪوائري رپورٽ گهرو کاتي کان وٺڻ جا اختيار ڏنا

رجسٽرار موجب نمرتا ڪماري جڊيشل انڪوائري رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ 16 جنوري 2020 تي به گهرو کاتي کي خط لکيو ويو پر ڪو به جواب ڪونه آيو، سول سوسائٽي نمرتا ڪماري جي موت تي يونيورسٽي کي ذميوار سمجهي ٿي

رجسٽرار جو چوڻ آهي ته سول سوسائٽي ۾ يونيورسٽي جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، تازو ڊاڪٽر نوشين جي موت واري معاملي تي ٻيهر يونيورسٽي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، گهرو کاتو نمرتا ڪماري جي جڊيشل انڪوائري رپورٽ جي ڪاپي يونيورسٽي کي فراهم ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔