وڏي وزير مراد علي شاهه ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، شاگردياڻي جي وارثن کي مطمئن ڪندي جاچ اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي

شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي انتظاميا نوشين ڪاظمي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي کي خط لکيو هو، نوشين ڪاظمي جي وارثن به انتظاميا تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، وڏي وزير جي منظوري بعد نوشين واقعي جي عدالتي جاچ بابت جلد نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جا امڪان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔