فوج جن قانونن جو سهارو وٺي ڪمرشل سرگرميون ڪري ٿي سي غير آئيني آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪنٽونمينٽ جي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته فوج جنهن قانون تحت ڪمرشل سرگرميون ڪري ٿي اهو غير آئيني آهي، فوج سرڪاري زمينن تي ڪمرشل سرگرميون ڪيئن ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن فوج جي غيرقانوني اڏاوتن کي ڇڏيون ته ٻين جون ڪيئن ڊاهينداسين؟

سپريم ڪورٽ ۾ ڪنٽونمينٽ جي زمينن تي ڪمرشل سرگرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري دفاع ليفٽيننٽ جنرل (ر) ميان هلال عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏنو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا سئنيما، شادي هال، اسڪول ۽ گهر ٺاهڻ دفاعي مقصد آهن؟ ڪراچي ۾ سموريون غيرقانوني عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون پيون وڃن، ڪارساز ۾ وڏيون ڀتيون کڙيون ڪري سروس روڊ به اندر ڪيو ويو، ڪنٽونمينٽ جي زمين کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهائي نٿو سگهجي

جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته پرل مارڪي ۽ گرانڊ ڪنوينشن هال اڃا قائم آهن، ڪالا پل سان گڏ واري ديوار ۽ گرينڊ ڪنوينشن هال اڄ ئي ڪيرايو، ڪارساز ۽ راشد منهاس روڊ تي اشتهارن لاءِ وڏيون وڏيون ديوارون ڍاهيون ويون آهن. اها حڪومت جي زمين آهي. سئنيما، پيٽرول پمپ، هائوسنگ سوسائٽيون، شاپنگ مال ۽ شادي هال دفاعي مقصدن لاءِ ته نه آهن. اٽارني جنرل ٻڌائي ته بچاءَ واري وزارت ان جي استعمال کي ڪيئن محدود ڪري سگهي ٿي؟چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان بچاءَ واري سيڪريٽري کي چئو ته پيش ڪيل رپورٽ درست ناهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمارتون ڪيرايون ويون آهن جڏهن ته عمارتون اڃان قائم آهن، فوج ۽ اسان ٻنهي لاءِ اها شرمندگي جي ڳالهه آهي. عدالت چيو ته ڪينٽونمينٽ جي زمين ڪهڙي مقصد لاءِ موجود آهي ان بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، قانون موجب اسٽريٽجڪ زمين رڳو دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي.جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته فوج ننڍي ڪاروبار لاءِ پنهنجي وڏن مقصدن تي سمجهوتو نه ڪري، فوج کي پنهنجي اداري جي تقدس جو خيال رکڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔