پاڪستان ۾ هن وقت تائين اومي ڪرون جو ڪو به ڪيس ناهي: ڊاڪٽر فيصل

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين اومي ڪرون جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي زور ڀريو ته هو ڪورونا جي مڪمل ويڪسينيشن ڪرائن، اسان جي ترجيح انهن ماڻهن کي ويڪسين ڪرڻ آهي جن کي اڃا تائين هڪ ڊوز به نه ملي آهي

ياد رهي ته اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته اومي ڪرون جي پاڪستان آمد کي روڪڻ ناممڪن آهي، پر ان کي منهن ڏيڻ جو واحد حل ويڪسينيشن آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔