آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿيندي: شاهد خاقان

اسلام آباد:اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مهانگائي ۾ روزاني اضافو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن.
حڪومت چوري تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. 3 سال گذري ويا قرض ڪميشن جي رپورٽ سامهون ناهي آئي. کنڊ ڪميشن ٺهيوته کنڊ 53 روپيه ڪلو هئي اڄ 15 روپين تي پهچي وئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪي، ملڪي مسئلن جو حل حل شفاف ۽ تڪڙيون چونڊون آهن. اسان 5 سال ڪنهن کي به سياسي انتقام جو نشانو ناهي بنايو. نيب جي هوندي ملڪ نٿو هلي سگهي.
نيب چيئرمين ٻڌائي ڪهڙي سياستدان ڪيترا پئسا ريڪور ڪيا؟ مريم نواز ڪو قانون ٽوڙيو آهي ته ڪارروائي ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔