ڪوئٽه: قبائلي ماڻهن ۽ هٿياربند دهشتگردن ۾ چڪريون، 4 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي

ڪوئٽه: ڪوئٽه جي ڏوراهين سياحتي هنڌ هنه اوڙڪ ۾ قبائلي ماڻهن ۽ هٿياربند ماڻهن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 مقامي ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته  9 زخمي ٿي پيا.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي جڏهن ته هٿياربند ماڻهو ڪجهه مقامي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن جي بازيابي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان ڪوششون جاري آهن.

واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن احتجاج جي طور تي ايئرپورٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو آهي. جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، هنه اوڙڪ ڏانهن ويندڙ سياح ۽ شهري به ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مختلف هنڌن تي ڦاٿل رهيا.

پوليس موجب فائرنگ جي واقعي جي اطلاع ملندي ئي فرنٽيئر ڪور(ايف سي) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ۽ پوليس جي ڳري نفري موقعي تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي.

صوبائي وزير صحت بخت محمد ڪاڪڙ واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هنه اوڙڪ ۾ هٿياربند ماڻهو ۽ مقامي شهرين جي وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ 4 مقامي ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 9 زخمي ٿي پيا آهن جن مان هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سمورن زخمين کي فوري طور تي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

صحت واري وزير موجب ايف سي پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا علائقي ۾ موجود آهن هٿياربندن جي خلاف ڪارروايون جاري آهن. هن چيو ته مقامي ماڻهو سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهن دهشتگردن جي خلاف ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن جڏهن ته اغوا ڪيل مقامي ماڻهن جي حفاظت سان بازيابي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن انهي دوران صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي.

واقعي کان پوءِ بلوچستان جي حڪومت ڪوئٽه جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. ٻئي طرف احتجاجي مظاهرين جو ايئرپورٽ روڊ تي ڌرڻو اڃان تائين جاري آهي جنهن سبب شهر ۾ اچ وڃ سخت متاثر رهي شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايت تي گهرو وزارت ڪلي بابري، هنه اوڙڪ ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب مقامي آبادي چيڪ پوسٽ جي قيام لاءِ زمين فراهم ڪري ڇڏي آهي انهي قدم جو مقصد علائقي ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ، دهشتگرد عناصرن جي چرپر کي روڪڻ، مقامي آبادي جو تحفظ يقيني بنائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔