سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايف سي جو صحت، سماجي تحفظ ۽ اقتصادي ترقي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي:  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي پاڪستان ڊويزن ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز جي ملاقات  ٿي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايف سي جي وچ ۾ صحت، سماجي تحفظ ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو.

ملاقات ۾ صوبائي وزير ترقي منصوبه بندي ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ناڻي بابت سيڪريٽري فياض جتوئي، جڏهن ته انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن(آئي ايف سي) جي وفد ۾ ناز خان ۽ سحر اعتزاز به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا سنڌ ۾ عالمي ڊيٽا سينٽر ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نجي شعبي جي لاءِ وڌيڪ قابل تجديد توانائي پيدا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اوليت ۾ شامل آهي. زرعي سپلائي چين، اسٽوريج ۽ پراسيسنگ سهولتون جي بهتري سان آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ننڍا آبادگار 25 ايڪڙ تائين زمين جا مالڪ آهن. ننڍن آبادگارن کي گروپن جي صورت ۾ سبسڊي وارا ٽريڪٽر فراهم ڪنداسين،

آءِ ايف سي وفد انساني وسيلن جي ترقي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي جڏهن ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ نشونما جي گهٽتائي جي خاتمي واري پروگرام ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ساليانو 15 هزار نرسز تيار ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو پيو وڃي، نرسنگ جي شعبي ۾ پاڪستان کي شديد افرادي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، نرسنگ تعليم ۽ تربيت جي گڏيل ماڊل جي تياري لاءِ آءِ ايف سي سان گڏجي ڪم ڪنداسين. آءِ ايف سي سنڌ ۾ ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر، زراعت، صحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. سائمن اينڊريوز جو چوڻ هو ته آءِ ايف سي سنڌ جي پائيدار ۽ جامع ترقي جي لاءِ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط  بنائڻ جو خواهشمند آهي.

موسمياتي تبديلين جي خطرن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جو حصو بنائڻ تي سنڌ  حڪومت ۽ آءِ ايف سي جي وچ ۾ مشاورت ٿي. سائمن اينڊريوز چيو ته آءِ ايف سي جو پائيدار انفرا اسٽرڪچر ايڊوائزري پروگرام سنڌ کي ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪندو. پ پ پ يونٽ سنڌ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايف سي  کان ٽيڪنيڪي مدد به طلب ڪري ورتي.

موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع عملدرآمدي فريم ورڪ جي تياري تي به اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايف سي ۽ سنڌ حڪومت انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پي پي پي منصوبن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي مقابلي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بنايو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔