سپريم ڪورٽ ٿر ڪول منصوبي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن وارو ڪيس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ٿر ڪول منصوبي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن وارو ڪيس جاچ لاءِ نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته نيب چيئرمين آڊيٽر جنرل جي رپورٽ جو جائزو وٺي شروعاتي رپورٽ 3 مهينن ۾ پيش ڪري.
نيب سرڪاري فنڊز ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري. ٿر جا ماڻهو بنيادي سهوليتن ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن. ٺٽو، منهوڙا ۽ سجاول جون حالتون به صحيح نه آهن. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سميت ڪنهن به سرڪاري عهديدار کي معاملي ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. سمورا پئسا هڪ اڪائونٽ مان نڪري ٻئي ۾ هليا ويا. ان لاءِ دلچسپي ناهي.
آڊيٽر جنرل جي رپورٽن جي سفارشن ۽ نتيجن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت ڪوبه ايڪشن ناهي ورتو. رپورٽ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻي ٿا ڇڏيون. نيب چيئرمين رپورٽ کي ڏسي ته ڪهڙي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس ٺهي ٿو. سپريم ڪورٽ چيو ته رپورٽ موجب ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي فنڊ جو استعمال شفاف طريقي سان ناهي ٿيو. نه آر او پلانٽ ضرورت موجب قائم ٿيڻ سان پيئڻ جو پاڻي ملي رهيو آهي. واٽر فلٽريشن پلانٽ لاءِ سولر پاور جنريشن پلانٽ به قائم نه ٿي سگهيو. موبائل ايمرجنسي هيلٿ يونٿ جي سهوليت به فراهم ڪئي وئي.
اسپيشل ترقياتي پيڪيج جي فنڊ جو به غلط استعمال ٿيو. سنڌ حڪومت آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي ڪوبه ايڪشن ناهي ورتو. ظاهري طور تي ترقياتي ۽ فلاحي فنڊز ۾ خرد برد ۽ بي ضابطگيون ٿيون. سنڌ حڪومت کي هن سموري معاملي جي ڪابه پرواهه ناهي. ظاهري طور تي ترقياتي فلاحي منصوبا فعال ناهن ٿيا. جنهن کان پوءِ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 3 مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔