فون ڪال تي ٽيڪس واپس وٺڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) موبائيل فون ٽيڪس جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ 75 منٽن کانپوءِ موبائل فون ڪالز تي لاڳو ٽيڪس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن کي ايف بي آر سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي

عدالت اهو حڪم مختلف موبائيل ڪمپنين جي درخواست تي جاري ڪيو.ايف بي آر طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪال جي 5 منٽن کانپوءِ 75 پئسا فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ موجب آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ مان پاس ڪيل بل کي ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي، ان ڪري عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 18 آڪٽوبر واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔