آباد پاران نسلا ٽاور جي ذميوارن جي تعين لاءِ عدالت وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي: ايسوسي ايشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) جي چيئرمين محسن شيخاڻي نسلا ٽاور جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن شيخاڻي چيو ته اسان غير قانوني اڏاوتن خلاف آهيون، جنهن به غير قانوني اڏاوت ڪئي آهي اهو آباد جو ناهي. هن چيو ته شهر جو ماسٽر پلان هجڻ گهرجي جيڪو سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٺاهيو وڃي جنهن لاءِ ادارن سان ملڻ لاءِ تيار آهيون

چيئرمين آباد چيو ته عمارتن جي اڏاوت لاءِ هڪ واحد اٿارٽي هجڻ گهرجي، نسله ٽاور جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ عدالت وڃي رهيا آهيون، جيڪو به ادارو ذميوار هجي اهو معاوضو ادا ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔