نيوزيلينڊ اسيمبلي جي ڳورهاري عورت ميميبر سائيڪل هلائي اسپتال پهتي

ڪراچي: نيوزيلينڊ اسيمبلي جي ڳورهاري ميميبر جينٽر سائيڪل هلائي اسپتال پهتي جتي هن هڪ صحتمند ٻارڙي کي جنم ڏنو، اسيمبليءَ جي عورت جولي اين جينر 27 سيپٽمبر جي رات پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون ۽ ان جي تفصيل شيئر ڪئي ته هن سان ڇا ٿيو

هن چيو ته رات جو 2 وڳي مون کي تڪليف ٿي رهي هئي ۽ مون ٽرانسپورٽ جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي سائيڪل تي اسپتال وڃڻ جو فيصلو ڪيو، مون کي اها خبر نه هئي ته مان پيٽ سان ٿيڻ دوران سائيڪل تي ڪڏهن اسپتال پهچي وينديس

جولي وڌيڪ چيو ته اسپتال گهر کان صرف 3 منٽن جي مفاصلي تي هو پر سور سبب سائيڪل هلائڻ مشڪل هو ان ڪري اسپتال پهچڻ ۾ 10 منٽ لڳي ويا، جڏهن مان پارڪنگ واري جاءِ تي پهتس ته مون کي پنهنجي منزل تي پهچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔