آبنائي هرمز ۾ جهازن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ايران جي منجمد اثاثن مان ڪيو ويندو: ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن تي ٿيل حملن سبب نقصانن جي ازالي لاءِ آمريڪا پنهنجي ڪنٽرول ۾ موجود منجمد ايراني اثاثن مان رقم استعمال ڪندو.

آمريڪي صدر ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ايران جي ڪنٽرول هيٺ يا انهي سان جڙيل عناصرن طرفان واپاري جهازن کي پهچندڙ نقصان جو بار آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن تي نه وڌو ويندو. ٽرمپ چيو ته اسان ايران جي پئسن مان اهو نقصان پورو ڪنداسين، اسان جي ڪنٽرول ۾ موجود ايراني فنڊز کي متاثر جهازن ۽ واپاري سامان جي نقصانن جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

آمريڪي صدر جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آبنائي هرمز ۾ تازن حملن کان پوءِ عالمي بحري واپاري ۽ تيل جي ورهاست جي حوالي سان خدشن ۾ اضافو ٿيو آهي. انهي اهم بحري رستي ۾ ڪيترن ئي واپاري جهازن تي حملن جا اطلاع سامهون اچڻ کان پوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ به هيٺ مٿانهين ڏٺي وئي.

رپورٽن موجب آمريڪي ناڻي واري وزارت انهي منصوبي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي. انهي ۾ اهو طئي ڪيو پيو وڃي ته گڏيل نقصان ڪيترو ٿيو. منجمد ايراني اثاثن مان ڪيتري رقم استعمال ڪئي ويندي ۽ ادائيگي جو طريقيڪار ڇا هوندو. پر ايران طرفان آمريڪي صدر جي انهي اعلان تي ڪوبه باضابطه رد عمل سامهون ناهي آيو.

سياسي ۽ معاشي تجزيه ڪارن موجب جيڪڏهن آمريڪا واقعي منجمد ايراني اثاثن کي انهي مقصد جي لاءِ استعمال ڪري ٿو ته انهي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته اهڙي قدم جي قانوني ۽ سفارتي رخن تي به عالمي سطح تي بحث شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز عالمي تيل جي واپار لاءِ انتهائي اهم بحري گذر گاهه آهي، انهي لاءِ اتي پيدا ٿيندڙ ڪنهن به ڇڪتاڻ جا اثر عالمي معيشت ۽ توانائي جي منڊين تي سڌو سنئون پئجي سگهن ٿا.

تبصرے بند ہیں۔