براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
وفاقي ڪابينا شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد: وفاقي ڪابنيا شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جي آءِ ٽي ۾ اينٽيليجنس ايجنسيز سوڌو سول ۽ عسڪري فورسز جا نمائندا شامل هوندا
وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد…
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري، مني بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري آهي، اجلاس ۾ مني بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي. جڏهن ته پهرين قومي سلامتي پاليسي به پيش ڪئي ويندي.وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.!-->…
رانا شميم حلفي بيان ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلفي بيان ۾ سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 جنوري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت!-->!-->!-->…
بينظير ڀٽو جي شهادت پاڪستان نه سموري دنيا جي تاريخ جو هڪ سانحو آهي: شهباز شريف
لاهور: شهباز شريف چيو آهي ته بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم، جمهوريت جي هڪ دلير آواز ۽ هڪ بهادر مشهور عوامي اڳواڻ هئي، ان جي شهادت پاڪستان ئي نه دنيا جي تاريخ جو هڪ سانحو آهي.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي تي مسلم…
نوازشريف جي واپسي ايندڙ سال ٿيندي، ٽائيم بابت نٿا ٻڌائي سگهون: رانا ثناءُالله
لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته نوازشريف جي ايندڙ سال واپسي ٿيندي ۽ اهو ئي اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي.
رانا ثناءُالله چيو ته موجوده نااهل ٽولي جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. ايندڙ سال لانگ…
جيالا تياري ڪن، هٿ ٺوڪئي تي وار ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيالا تياري پڪڙين، هٿ ٺوڪي خلاف هاڻ وار ڪرڻ ۽ اعلان ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
محترمه بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بي بي…
قومي سلامتي ڪميٽي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد، فواد چوڌري، عسڪري قيادت،…
سنڌ سان بغض رکندڙ ٻڌن ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ : شازيه مري
خيرپور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري شازيه عطا مري چيو آهي ته اپوزيشن جو ڪردار صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي ادا ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪم صرف ۽ صرف مهانگائي ڪرڻ آهي، حڪومت نالائقي ۽ نااهلي جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن…
تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 جوابدار مارجي ويا
ڪوئيٽا: تربت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري سان مقابلي جي نتيجي ۾ 7 جوابدار مارجي ويا آهن، پوليس موجب تربت واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران اڻڄاتل شخص سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني
پوليس موجب قانون…
مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ حڪومت جو رستو روڪڻ لاءِ سياسي حڪمت عملي تي غور
اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جو رستو روڪڻ جي سياسي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو
سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خواجا آصف، مريم اورنگزيب، نثار چيما، طاهره اورنگزيب، شڪيلا…