قومي سلامتي ڪميٽي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏني وئي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد، فواد چوڌري، عسڪري قيادت، صلاحڪار معيد يوسف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي مسودي تي بريفنگ ڏني، پوءِ پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏني وئي، اها پاليسي سڀاڻي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ ٻين سيڪيورٽي معاملن تي به غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، پاڪستان ڪنهن به اندرين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري هڪ تاريخي قدم آهي.

وزيراعظم قومي سلامتي بابت صلاحڪار کي پاليسي تي عملدرآمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاليسي تي اثرائتي عمل لاءِ سمورا ادارا گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔