جيالا تياري ڪن، هٿ ٺوڪئي تي وار ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيالا تياري پڪڙين، هٿ ٺوڪي خلاف هاڻ وار ڪرڻ ۽ اعلان ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

محترمه بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بي بي توهان جو پاڪستان ڏکيائين ۾ آهي، توهان جي پاڪستان ۾ جمهوريت رڳو نالي جي آهي، هتي نه ڳالهائڻ نه ساهه کڻڻ جي آزادي آهي، توهان جو غريب عوام ننڌڻڪو آهي، عوام سليڪٽڊ راڄ ڀوڳي رهيو آهي ۽ نااهل جو بار کڻي رهيو آهي.

هن چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، اسان پارليامينٽ کي سڀ اختيار ڏنا پر جمهوريت تي حملا ٿيندا رهيا ۽ نقصان پهچندو رهيو، ڪڏهن آر او اليڪشن ته ڪڏهن آر ٽي ايس چونڊون، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، جمهوريت کسي وئي، اليڪشن تي ڌاڙي لاءِ ڪڏهن ڪنهن چوڌري کي استعمال ڪيو ويو ته ڪڏهن ڪنهن نثار کي.

سندس چوڻ هو ته پ پ ڊيل جي سياست تي يقين نٿي رکي، جڏهن ته موجوده حڪمران، صدر، وزيراعظم دهشتگردن سان ڊيل لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، دهشتگردن انهن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ڊيل جون ڳالهيون ڪندڙ 27 ڊسمبر 2007 ۾ به اهي ئي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، پ پ ڪنهن به صورت ۾ ان تي يقين نٿي رکي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي ۽ غير جمهوري رويو اختيار نٿي ڪري سگهي، سنڌ کان وٺي ڪشمير تائين پارٽي ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪندس، صوبائي صدرن کي هدايت ٿو ڪيان ته تيار ڪري ڇڏين، هٿ ٺوڪئي ننڍين، مڪاني چونڊن ۾ شڪست کاڌي، توهان سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين، ايندڙ چونڊون اسان جون آهن، وزيراعظم پ پ جو هوندو.

پ پ چيئرمين چيو ته جيالا تياري ڪري ڇڏين، هٿ ٺوڪئي جي وڃڻ ۾ دير ناهي، هاڻ هٿ ٺوڪئي تي وار ڪرڻ ۽ اعلان ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پ پ جي سي اي سي جو اجلاس 5 جنوري ۾ لاهور ۾ ٿيندو، لاهور کي اسان پنهنجي بيس ڪئمپ ٺاهينداسين، هن حڪومت جي خاتمي جي ڪهاڻي ان شهر مان شروع ٿيندي، جتان پ پ جو بنياد رکيو ويو، هٿ ٺوڪئي جو وڃڻ ڀِت تي لکجي چڪو آهي، هر ڪنهن جو اهو ئي آواز آهي ته هٿ ٺوڪئي کي وڃڻ پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔