نوازشريف جي واپسي ايندڙ سال ٿيندي، ٽائيم بابت نٿا ٻڌائي سگهون: رانا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته نوازشريف جي ايندڙ سال واپسي ٿيندي ۽ اهو ئي اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي.
رانا ثناءُالله چيو ته موجوده نااهل ٽولي جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. ايندڙ سال لانگ مارچ، مهانگائي مارچ ۽ جلسا جلوس ٿيندا. هن چيو ته نوازشريف ئي اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. سموري قوم نوازشريف طرف ڏسي رهي آهي ۽ هر مشڪل جو حل به اهوئي ڏٺو پيو وڃي ته نوازشريف واپس ايندو ۽ اڳواڻي ڪندو. نوازشريف جي ايندڙ سال واپسي ٿيندي پر ٽائيم بابت ڪجهه نٿا ٻڌائي سگهون.
رانا ثناءُالله چيو ته ڪنهن به قسم جي ڊيل جو تاثر غلط آهي. نوازشريف جي ڊيل عوام ۽ ووٽ کي عزت ڏيو سان گڏ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔