بينظير ڀٽو جي شهادت پاڪستان نه سموري دنيا جي تاريخ جو هڪ سانحو آهي: شهباز شريف

لاهور: شهباز شريف چيو آهي ته بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم، جمهوريت جي هڪ دلير آواز ۽ هڪ بهادر مشهور عوامي اڳواڻ هئي، ان جي شهادت پاڪستان ئي نه دنيا جي تاريخ جو هڪ سانحو آهي.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي تي مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 14هين ورسي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، ڌيءَ بختاور، آصفه ۽ ٻين سمورن جڙيل پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪريون ٿا.
شهباز شريف چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔