رانا شميم حلفي بيان ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلفي بيان ۾ سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 جنوري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلف نامي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ رانا شميم، اٽارني جنرل ۽ انصار عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي جي شروعات تي رانا شميم جو اصل بيان حلفي سيل بند لفافي ۾ پيش ڪيو ويو

جسٽس اطهر من الله رانا شميم جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت چاهي ٿي تهاهو توهان جي سامهون کولجي ۽ توهان ڏسو هن ۾ ڇا آهي؟ هي اسان کي ڪوريئر ذريعي مليو، ان ۾ ڪو ٻئي ڪنهن جو ليٽر ته نه آهي، ان تي لطيف آفريدي چيو ته مان هي لفافو نه کوليندس، عدالت گهرايو آهي اهوئي کولي

اٽارني جنرل چيو ته رانا شميم کي ٻڌايو وڃي ته بيان حلفي ڪنهن جي سامهون رڪارڊ ڪرايو، اهو به ٻڌائڻو آهي ته هي بيان حلفي ڪنهن ليڪ ڪيو، جنهن شخص حلف نامو رڪارڊ ڪيو ان کي سيل بند لفافو کولڻ گهرجي، ان موقعي تي عدالت رانا شميم جي وڪيل جي حوالي ڪندي اصل حلف نامي کي کولڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي لطيف آفريدي موقف اختيار ڪيو ته هو اصل حلف نامي جو سيل بند لفافو نه کوليندو

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪهڙي خبر ته سيل ٿيل لفافي ۾ ڇا هجي، توهان جي ڪلائينٽ ڪوريئر ذريعي موڪليو آهي، هاڻي توهان هن کي کولڻ کان ڇو ٿا ڊڄو؟ راڻا شميم کي اصل بيان حلفي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، چيف جسٽس رانا شميم کي اصل حلفي بيان کولڻ جي هدايت ڪئي جنهن بعد لفافو رانا شميم حوالي ڪيو ويو

رانا شميم عدالت ۾ چيو ته مان تصديق ڪريان ٿو ته هي منهنجو ئي حلف نامو بيان آهي جنهن کي مان سيل ڪيو هو، هي ڪوريئر سروس ناهي، مان سيل ڪيو هو، ڪوريئر سروس ته هن کي کي لفافي ۾ سيل ڪيو هو، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هڪ بيانيو ٺاهيو ويو آهي ته هي عدالت مفاهمتي آهي، رانا شميم طرفان داخل ڪرايل جواب ۾ سمورو بار انصار عباسي تي وڌو ويو آهي، هن اهو به چيو ته نوٽري پبلڪ کان هي دستاويز ليڪ ٿي سگهي ٿو، هي مامرو رڳو اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان نه آهي، بيان حلفي هن ڪورٽ کي شڪي بڻايو آهي، هڪ اهڙو بيانيو ٺهيو آهي جنهن کي هر ڪوئي سچ سمجهي رهيو آهي

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته انصار عباسي صاحب توهان ڪجهه چوندئو؟ ان تي انصار عباسي چيو ته اسٽوري شايع ٿيڻ کان اڳ منهنجي رانا شميم سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، هو شايد صحيح طور تي ياد نه ڪري رهيو آهي ۽ وساري رهيو آهي، ان ڳالهه جي وضاحت مان پنهنجي اسٽوري ۾ به ڪئي آهي، مون وٽ ان جو متن به موجود آهي

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي سنگين معاملو آهي جنهن جا نتيجا آهن، ان ڪري ڪورٽ ايترا عدالتي مددگار به مقرر ڪيا آهن يا توهان ثابت ڪري ڏيکاريو ته عدالت واقعي ٺاهه ڪندڙ هئي، اٽارني جنرل خالد جاويد پنهنجي دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته رانا شميم ان ڪيس ۾ توهين عدالت ڪئي آهي، ٽن ڏينهن کان هڪ ئي شئي اچي رهي آهي ته حلفي بيان ڪنهن جي آفيس ۾ رڪارڊ ڪرايو ويو پر حيرت آهي ته هن تي ڪا به ترديد نه آئي، حلفي بيان ڪيس ۾ سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڇو نه ڪري؟ جنهن بعد عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي 7 جنوري جي تاريخ مقرر ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

واضح رهي ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو آهي ته هو ان واقعي جو شاهد هو جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نوازکي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔