آفيس ۾ ويهي زمينون الاٽ ڪندئو ته ڪجهه نه بچندو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي : آفيس ۾ ويهي زمينون الاٽ ڪندئو ته ڪجهه نه بچندو، هونئن به ڪجهه ناهي بچيو، ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت پارڪ جي زمين الاٽ ڪئي وئي؟

اھڙا ريمارڪس سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گٽر باغيچا ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس طرفان ڏنا ويا،  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گٽر باغيچا ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيئرمين ڪي ايم سي کان پڇاڻو ڪيو ويو

عدالت کي آگاهي ڏيندي چيئرمين چيو ته سندس وڪيل 4 جنوري تائين موڪل تي آهي، وڪيل ئي عدالت کي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، جسٽس قاضي امين ڪي ايم سي چيئرمين کي چيو ته پنهنجو وڪيل وٺي اچو، عدالت توهان جو انتظار نه ڪندي, چيف جسٽس چيو ته هاڻي ٻڌڻي ملتوي ڪئي ته اسلام آباد ۾ ڪيس ٻڌنداسين، عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جڏھن تھ ھل پارڪ جي زمين تي حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ چيو تھ  خبر ناهي پي اِي سي ايڇ ايس وارا ڪيئن زمين الاٽ ڪري رهيا آهن، پي اي سي ايڇ ايس ۾ وڏي گڙٻڙ آهي، جيڪي ماڻهو سندن کيسا گرم ڪن ٿا، اُنهن کي زمينون الاٽ ٿينديون آهن، پي اي سي ايڇ ايس جي چيئرمين ۽ سيڪريٽريز خلاف ايف آءِ آرز ٿينديون

عدالت چيو آهي ته هِل پارڪ جي زمين تي 13 گهر ۽ هڪ مسجد تعمير ڪئي وئي، 13 مان رڳو 4 گهر ڊاٺا ويا آهن، ٻڌايو وڃي ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناهي ٿيو؟ ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪي ايم سي کان 4 جنور تائين رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔