سنڌ سان بغض رکندڙ ٻڌن ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ : شازيه مري

خيرپور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري شازيه عطا مري چيو آهي ته اپوزيشن جو ڪردار صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي ادا ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪم صرف ۽ صرف مهانگائي ڪرڻ آهي، حڪومت نالائقي ۽ نااهلي جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن

خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شهيد ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هر سال لکين جيالا گڙهي خدا بخش پھچندا آهن، 14 سالا گذري وڃڻ باوجود محترمه جي ياد اسان جي دلن مان نه ٿي وڃي، هميشه پيپلز پارٽي جي قيادت ڏکيائن کي منهن ڏنو آهي، جيالا مشڪلاتن سان منهن ڏئي جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي رهيا آهن ۽ هر ڪنهن جي نشاني پيپلز پارٽي آهي

هن چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ کي عوام پاران رد ڪيو ويو آهي، اهي ڏينهن پري ناهن جو عوام انهن کي ڳچي کان وٺي پڪڙيندو، عمران خان جو ڪم وڃي اهو بچيو آ جو صبح کان شام تائين صرف اپوزيشن کي گاريون ڏيئي، پوري دنيا اندر پئٽرول جون قيمتون گهٽ آهن هتي 150 روپيا ليٽر آهي

هن چيو آهي ته جتي کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيون هجن ان کان وڌيڪ ٻئي ڪھڙي مهانگائي هجي، اسان ڪٿي وڃي شور مچايون ته اسان کي گئس بجلي ڏني وڃي، هي ڳالهيون ڪندا هئا ٽئڪس وڌي ته حڪمران چور آ هاڻي ته هنن خُود ڪيئي ڀيرا ٽئڪس وڌائي ڇڏيا، وڏي ناڪامي ته اها آهي جو هنن اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جي هڪ ملازم کي لڳايو آهي

هن چيو ته ملڪ جا معاشي حالت انتھائي خراب آهن، تڪليفون برداشت ڪري هن منزل تي پيپلز پارٽي پھتي آهي، زرداري صاحب جيڪا سياسي بسيرت ۽ سياسي سوچ ڏيکاري انهن مان وڏو ڪم اهو هو جو هُن وزير اعظم کي پاور ڏئي مضبوط ڪيو ۽ 18 ترميم آندي، زرداري صاحب پنهنجي دور ۾ صوبن جا سڀ جائز مسئلا حل ڪيا

هن چيو ته سنڌ جي خلاف بغض رکڻ وارا ماڻھون جڏهن سنڌ تي وار ڪندا آهن ته اسين انهن کي جواب ڏيندا آهيون “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”، جيڪي چون ٿا ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو وڃي اُهي اي اين جي عباسي جي رپورٽ پڙهي وٺن انهن کي خبر پئجي ويند

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔