وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري، مني بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري آهي، اجلاس ۾ مني بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي. جڏهن ته پهرين قومي سلامتي پاليسي به پيش ڪئي ويندي.
وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. ڪابينه کي اي وي ايم ۽ آءِ ووٽنگ جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني ويندي. هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي مقرري، چيئرمين ايس اي سي پي ۽ ميمبر جي استعيفيٰ، نئين ميمبر جي مقرري، انٽر بورڊ ڪوآرڊينيش ڪميشن ايڪٽ جي اصولي منظوري ڪابينه ايجنڊا ۾ شامل آهي.
ساجد مجيد چوڌري ڪيس ۾ جاچ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ منظوري ڏني ويندي. پاڪستان مان 2 جوابدارن کي اٽلي حوالي ڪرڻ وارو معاملو به ڪابينه اجلاس ۾ پيش ٿيندو. ڪابينه ڪميٽي قانون سازي جي 16 ۽ 17 ڊسمبر جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔