مني بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي استعمال جي ڪنهن به شيءِ تي ٽيڪس نه لڳندو: ترجمان

ڪراچي: ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته مني بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي استعمال جي ڪنهن به شيءِ تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويو آهي ۽ ڪورونا وبا سبب ڪيترن ئي ملڪن جا قرض وڌي ويا آهن

هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي پر اسان ان کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ 6 مهينن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي پر ملڪ ۾ ٻاهر کان ايندڙ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن

ترجمان چيو ته مني بجيٽ ۾ عام ماڻهو تي ڪو به بار نه لڳايو ويو آهي، مني بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو پيو وڃي ۽ عام ماڻهو جي استعمال جي ڪنهن به شيءِ تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔