سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي اڄ 24 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

ڀٽ شاهه: سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي اڄ 24 هين ورسي ڀٽ شاه جي ڪراڙ ڪپ تي شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ به تقريبون رٿيل آهن

ثقافت کاتي جي عملدارن، شيخ اياز يادگار ڪميٽي، سنڌي لئنگيوئيج اٿارٽي سميت اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون

ثقافت کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شيرمحمد مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر رحمت الله راڄڙ، جامي چانڊيو، ديوان گاگن داس، تاج جويو، نورسنڌي، مدد علي سنڌي، محمد علي مانجهي، ادل سومرو، محسن جويو، غلام مجتبيٰ جوکيو، نصير مرزا، دانش جتوئي، سرفراز لغاري ۽ ٻين شيخ اياز جي مزار تي حاضري  ڀري

سياسي سماجي اڳواڻن سردار اياز ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، شڪور ناز خاصخيلي، رشيد رند ۽ ٻين به مزار تي پهچي گلن جو چادرون چاڙهيون، جڏهن ته ورسي تقريب ۾ راڳ رنگ ۽ مشاعري جي محفل به منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ويندي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔