وفاقي ڪابينا شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابنيا شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جي آءِ ٽي ۾ اينٽيليجنس ايجنسيز سوڌو سول ۽ عسڪري فورسز جا نمائندا شامل هوندا

وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو؟ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ جاچ تي به اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙو عمل برداشت جوڳو نه آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پهرين قومي سلامتي پاليسي به منظور ڪئي وئي آھي

حڪومت طرفان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ تي وڪري ۽ اسمگلنگ جو اعتراف ڪيو ويو آھي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀاڻ جي بحران تي غور بعد پنجاب سرڪار کي ڀاڻ جي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان 70 سيڪڙو ڀاڻ امپورٽ ڪندو آهي، ڀاڻ بحران کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل پلانٽس کي گئس به ڏني وئي، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ايڪشن کنيو ويندو، وفاقي وزير طرفان 48 ڪلاڪن ۾ بهتري نظر اچڻ جو آسرو ڏنو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔