ڪنھن غريب جو گهر ڊھڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته وڏو ماڻهو سڀ ڪجهه ريگيولرائز ڪرائي وٺندو ۽ جيڪڏهن غريب هجي ته سڀ قانون ٻڌائيندا آهن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ ڊفينس ڪمپليڪس ٻاهران ڀت تعمير ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل، سي ڊي اي جا آفيسر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته آئيني ذميواري پوري نه ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟ توهان کي انهن شهيدن جو به احساس ناهي، جن قربانيون ڏنيون، هر ڀيري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ انهن شهيدن جو مذاق اڏايو ويو

چيف جسٽس چيو ته ڊفينس ڪمپليڪس کي قانون خلاف ڀت ٺاهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ڇا اوھان قانون ٽوڙي سگھو ٿا؟ سي ڊي اي رڳو اچي چوي ٿو ته اسان نوٽيس ڪري ڇڏيو آھي، عدالت وفاقي حڪومت ۽ سيڪريٽري دفاع کي هدايتون جاري ڪري رهي آهي ته جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔