سپريم ڪورٽ جو مدينه مسجد جي جڳهه تي هفتي اندر پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ طارق روڊ مدينه مسجد جي جڳهه تي هڪ هفتي اندر پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي, سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ طارق روڊ ڀرسان مدينه مسجد جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا

چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب پڇاڻو ڪيو ته توهان غيرقانوني مسجد خلاف ڪارروائي ڇو نٿا ڪريو؟ جنهن تي مرتضيٰ وهاب جواب ڏنو ته عدالت حڪم ڏيندي ته ڪارروائي ٿيندي

جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان ماڻهن کي ڏسي حيراني ٿئي ٿي، توهان جو ڪم آهي ۽ اسان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهيو, جسٽس قاضي امين چيو ته اهي عبادتگاهون نه رهائش جون جايون آهن، نه بجلي جو بل ۽ نه ئي ڪو ٻيو بل، اهو ته اسان جي سامهون اچي چڪو آهي، ڪراچي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن ۽ ڪير به پڇڻ وارو ئي ناهي, ٻڌڻي دوران عدالت طارق روڊ جي حدن بابت ڄاڻ نه ڏيڻ تي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي ايم سي ايسٽ کي به ڇنڊ پٽي

چيف جسٽس چيو ته توهان ماڻهو آفيسن ۾ ويهڻ ٿا اچو، چانهه پيئو، گپ شپ ڪري گهر وڃو، توهان کي ڪو ڪم ناهي، هي سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو آهي؟ توهان هن شهر سان  ڇا ڪيو آهي، جيڪو ناقابل تلافي نقصان آهي، هن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڌماڪو ڪرڻو پوندو، ٻيهر ٺهندو هي شهر، جيئن جرمني، جاپان، پولينڊ ٺهيا ائين ٺاهڻو پوندو، جتي چار ماڻهن جو گهر هو اتي چاليهه رهي رهيا آهن، سلپ وڪامجن ٿا ڇا ڪري رهيا آهيو؟ صرف پئسا ٺاهڻ جو ڪم ڪرڻو آهي؟ بس پئسا ڪمائڻ ۾ لڳل آهن

جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو ته پي اي سي ايڇ ايس کان نارٿ ناظم آباد تائين اها ئي صورتحال آهي، ٻه ٻه سئو گز تي اٺ ماڙ عمارتون ٺاهيون ويون آهن، زلزلو ايندو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو، ڪروڙين ماڻهو مري ويندا، جيڪڏهن توهان بچيو ته انهن جو توهان تي خون ٿيندو، توهان ماڻهن کي پرواهه ئي ناهي، سوچيو ٿا ته مان ته رٽائر ٿي هليو ويندس، ٻاهر وڃي ڪري زندگي کي انجواءِ ڪندس سڀ ڪندا آهن، بسترو کڻي هليو ويندس جيئن ٻيا ويندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔