ننگرپارڪر: سول جج جو پاڻمرادو نوٽيس، ڪارونجھر جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم، رپورٽ طلب

ننگرپارڪر: ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ واري معاملي تي ننگرپارڪر جي سول جج پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڪٽائي ڪندڙ ڪمپنين کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڪارونجهر جي ڪٽائي جو جوڊيشل مئجسٽريٽ نوٽيس ورتو ۽ ڪٽائي ڪندڙ ٻن ڪمپنين ڪوھ نور ۽ ايف ڊبليو او کي فوري طور ڪم بند ڪرڻ جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

عدالت ايس ايڇ او ننگرپارڪر، ايس ايڇ او ڏانو ڌانڌل، ايس ايس پي ٿرپارڪر، ونگ ڪمانڊر رينجرز ننگرپارڪر، مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته فوري طور تي ڪمپنين پاران کارسر جبل، چڻيندا ۽ ڌناگام جبل جي ڪٽائي جو ڪم روڪرايو وڃي

عدالت چيو ته مشينري فوري طور ھٽائي، پٿر کڻي ويندڙ ٽرڪن ۽ ٽرالن کي بند ڪيو وڃي, عدالت ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منرل ۽ مائنز کاتو ٿرپارڪر، ڊپٽي ڪنزرويٽر شڪار کاتو ٿرپارڪر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سياحت ۽ ثقافت کاتو، سڀ ڊويزنل ٻيلو کاتو آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماحوليات ۽ موسمي تبديلي کاتي کان رپورٽس ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪمپني مالڪ 6 جنوري 2022 تي عدالت ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي شوڪاز جو جواب داخل ڪرائن، سرڪاري مدعاليه کي ڪم بند ڪرائي مشينري ضبط ڪري رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔