نواز شريف کي اسان واپس آڻينداسين، پاڻ ڪڏهن به نه ايندو: فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف کي اسان واپس آڻينداسين، هو پاڻ ڪڏهن به واپس نه ايندو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته برطانيا سان گڏجي قانون سازي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، نواز شريف کي واپس اچڻو پوندو، راڻا شميم جي حلفي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيتري وڏي سيسيلين مافيا آهي، نواز شريف پاڻ واپس نه آيو، مان ان وقت به کيس ٻڌائي رهيو هوس. هن کي ٻاهر وڃڻ نه ڏيو

فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن ۾ ڊيلي ويج سياستدان آهن، اهي پنهنجو ڏھاڙي پڪي ڪن ٿا ، مولانا فضل الرحمان 3 سالن کان تاريخون ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪنداسين، حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ عمران خان جهڙو ليڊر ھئڻ گهرجي. حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي، اپوزيشن پي ٽي آءِ جي هئي، عمران خان کين ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ھئا

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته مخالف ڌر رڳو حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف جو متبادل ڏيو، فنانس ترميمي بل قومي اسيمبلي جي ساڳئي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، ان سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو

هن چيو ته ماضي جون حڪومتون ۽ ادارا هڪ پيج تي نه هئڻ سبب سڪيورٽي پاليسي به ٺاهي نه سگهيا، پهريون ڀيرو قومي سلامتي پاليسي ۾ اقتصادي حڪمت عملي کي جيو اسٽريٽجڪ پاليسي سان ڳنڍيو ويو، جيڪڏھن معيشت طاقتور ناھي ته سلامتي جي گارنٽي نٿي ٿي سگھي جڏھن ماڻهو مطمئن نه ھوندو ته معاشي، سماجي ۽ قانوني صورتحال سان ملڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔