براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

چنيوٽ: جهنگ جو اسسٽنٽ ڪمشنر سئوٽن هٿان قتل

چنيوٽ: جهنگ جي اسسٽنٽ ڪمشنر عمران جعفر کي سندس مائٽن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ترجمان ڊي پي او چنيوٽ جو چوڻ آهي ته عمران جعفر پنهنجي اباڻي ڳوٺ بڙا لنگرانه ۾ پنهنجي گهر آيل هو، عمران جعفر جو سندس سئوٽن جهيڙو ٿيو هو ترجمان جو چوڻ آهي ته…

ايڪتا جو قومي ڏينھن: سنڌو سان ملاقات لاءِ سنڌ رستن تي اُٿلي پئي

ڪراچي: ايڪتا جي قومي ڏينھن تي سنڌوءَ سان ملاقات لاءِ سنڌ رستن تي اُٿلي پئي آھي، سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سموري سنڌ ايڪتا جي لڙي ۾ پوئجي وئي، “سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو ” سري هيٺ ايڪتا عيد جي موقعي تي ننڍن وڏن شهر ۽ وستي واهڻ ۾ سنڌي ثقافت جا انڊلٺي…

اسان معاشري ۾ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيا آهن، ناڪارا نه ڪيو ته ڦاٽي پوندا:فواد چوڌري

ڪراچي: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ اسان معاشري ۾ ٽائيم بم لڳائي ڇڏيا آهن، اِهڙن بمن کي ناڪارا نه ڪيو ته اُهي ڦاٽي پوندا، وفاقي وزير فواد چوڌري سيالڪوٽ ۾ انسانيت سوز واقعي تي ٽوئيٽ بيان جاري ڪيو آھي فواد چوڌري چيو ته وقت…

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ سزا

ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪاميابي حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته جوابدار کي جي…

سيالڪوٽ واقعي جي جاچ جي نتيجن جو انتظار آھي: سري لنڪن پرڏيھي وزارت

ڪراچي: سيالڪوٽ ۾ سري لنڪن شھري جي قتل واقعي تي سري لنڪا جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان سگيس واراگوناراتني جي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ واقعي بابت پاڪستاني عملدارن سان گڏ تفصيلن جو جائزو وٺي رھيا آھيون، توقع آھي پاڪستاني عملدار جاچ ۽ انصاف…

سيالڪوٽ واقعي جي شروعاتي رپورٽ وزير اعظم حوالي ڪئي وئي

اسلام آباد: سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر جي قتل ۽ لاش ساڙڻ واري واقعي جي جاچ رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پنجاب حڪومت سريلنڪن مئنيجر جي قتل جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي ڏئي ڇڏي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته…

ميھڙ واقعو: اُم رباب ۽ سردار چانڊيو جا ھڪٻئي تي الزام

دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ اُم رباب ۽ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو طرفان هڪٻئي تي الزام ھنيا ويا آھن، دادو جي عدالت ۾ پيشي بعد اُم رباب چيو آهي ته جوابدار ڌر ڪيس کي التوا جو شڪار بڻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي ھن چيو تھ اڄ…

جج صاحب اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ سردي وارو فيصلو ناهن ڏيندا: چيف جسٽس

لاهور: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته عدالتون آزاد آهن ۽ رهنديون، آزاديءَ سان فيصلا ڪنديون، عدالتي فيصلن کي ڪاوڙ ۽ تڪرار جو سبب نه بڻائڻ گهرجي لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس گلزار احمد چيو ته وڪيل کي صاحب قانون سمجهيو…

اسلام آباد: ڪراچي منتقلي لاءِ آغا سراج دراني جو راھداري ريمانڊ منظور

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي سخت سڪيورٽي ۾ احتساب عدالت پهچايو، جتي کيس جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو ويو نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان آغا سراج جي ٻن ڏينهن جي راهداري رمانڊ جي درخواست ڪندي…

سيالڪوٽ واقعو: مقتول جو جسم گهڻو سڙيل ۽ هڏا ٽٽل هئا: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي(م ڊ) سيالڪوٽ ۾ قتل ٿيل سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي ذريعن موجب پريانٿا ڪمارا جو اڪثر جسم سڙيل مليو، جڏهن ته سندس ٽنگون ۽ پيرن جو هيٺيون حصو باهه کان محفوظ رهيوپر باهه ۾ بچيل حصي جا هڏا ٽٽل مليا آهن…