مال خانن مان چوري جا واقعا انتهائي سنگين مامرو آهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

ڪراچي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ ميرپور خاص مال خاني مان 60 تولا سون چوري ٿيڻ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آھن، ھن جو چوڻ ھو تھ مال خانن مان چوري جا واقعا انتهائي سنگين مامرو آهي، چوري ٿيل سون پوليس جي کيسي ۾ هليو ويو، ڪيس خراب ٿي ويو ۽ الله حافظ، هِتي سڀ سمجهندا آهن ته حڪومت سندن کيسي ۾ پيل آهي

عدالت سنڌ جي سمورن مال خانن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آھن، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته سون چوري ٿيڻ بعد مال خاني جو انچارج معطل ٿيو پر عدالت کيس بحال ڪري ڇڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ڇا اوهان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آبزويشن ڏٺي؟، عدالت سموري کاتي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا پر اوهان ڪجهه ڪيو؟، مال خانن مان چوري جا واقعا سنگين مامرو آهي، آءِ جي سنڌ کي به گهرائي سگهون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔