ڪي پي جي اسپتالن ۾ مٿان کان ھيٺ تائين سفارشي ڀرتي ٿيل آھن: چيف جسٽس

ڪراچي: چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته صحت ڪارڊ جي لاءِ 5، 6 ارب روپيا مختص ڪيا ويندا هوندا ته جيئين ماڻهو هن مان پيسا کائيندرا رهن

چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڇاتي جي وڌندڙ ڪينسر بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت شهرين جي سهولت لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، هر رجسٽرڊ شهري کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت ڏني وئي آهي

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان 5 کان 6 ارب رپيا مختص ڪيا هوندا ته جيئن ماڻهو ان مان پيسا کائيندا رهن، ڪي پي جي حڪومت سيڪٽر ۾ ڪو به ڪم نه پيو ٿئي

چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ نه ايڪسري مشين ڪم ڪري رهي آهي ۽ نه ئي آڪسيجن جو نظام آهي، ڪي پي حڪومت جا اربين رپيا ڪيڏانهن پيا وڃن؟ ڪي پي ڪي جي اسپتالن ۾ مٿان کان هيٺ تائين سفارش تي ڀرتي ڪيا ويا آهن

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هيلٿ ڪارڊ جو ڪو طريقو ته هجي، ڪنهن ڪنهن کي صحت ڪارڊ ڏنا ويندا؟ ، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته بلوچستان جي صحت جي بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ هن وقت تائين بلوچستان ۾ هڪ به اوپن هارٽ سرجري ناهي ٿي

سپريم ڪورٽ بريسٽ ڪيسنر بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔