سنڌ ۾ مقرر 21 ۽ 22 هين گريڊ جا وڌيڪ 3 ڪامورا رٽائرڊ ٿي ويندا

ڪراچي : سنڌ حڪومت ۾ مقرر 21 ۽ 22 هين گريڊ جا وڌيڪ 3 ڪامورا ايندڙ ٽن مهينن ۽ هڪ ڪامورو آڪٽوبر ۾ رٽائرڊ ٿي ويندو

4 ڪامورن جي رٽائرڊمينٽ سبب سنڌ ۾ اهم عهدن تي برقرار بحران اڃا وڌي ويندو، سنڌ حڪومت وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکي ڪامورن جي رٽائرڊمينٽ بابت اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ سرڪار وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي آگاهي ڏني ته 21 ۽ 22 گريڊ جا وڌيڪ 4 ڪامورا هلندڙ سال ئي رٽائرڊ ٿي ويندا

سنڌ جو چيف سيڪريٽري 22 گريڊ جو وفاقي سروسز جو آفيسر ممتاز شاھ 31 مارچ 2022 تي رٽائرڊ ٿيندو، 21هين گريڊ جو آفيسر ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو شمس الدين سومرو 27 مارچ 2022 تي رٽائرڊ ٿيندو

گهرو کاتي جو 21هين گريڊ جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز 28 آڪٽوبر 2022 تي سروس مڪمل ڪندو، جڏهن ته 21 هين گريڊ جو فاروق اعظم 28 جنوري تي رٽائرڊ ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔